شيخ، نظر محمد بسمل

شيخ، نظر محمد بسمل

شيخ نظر محمد بسمل

شيخ، نظر محمد بسمل: مشهور صحافي ۽ شاعر شيخ نظر محممد بسمل جو جنم 23 مارچ 1934ع تي پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. 1938ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جماڻي هال مان ابتدائي چار درجا تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1947ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. تعليم پوري ڪري پنهنجي ڀائرن سان گڏ جيڪب آباد ۾ ڪاروبار سان لڳي ويو،. 1953ع ۾ روزگار سانگي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيو. ڪجھه عرصو شڪارپور ۾ پندرنهن روزه ‘خانه بدوش’ نالي اخبار جاري ڪيائين، جيڪا سال سوا جي عرصي بعد بند ٿي وئي. شيخ نظر محمد بسمل جو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان گهرو لڳاءُ هئڻ سان گڏ افسانه نگاري ۽ شاعريءَ ڏانهن به لاڙو هو. سندس شاعريءَ جا چار ڪتاب: ‘پرينءَ جا گيت’، ‘نذرانه بسمل’، ‘آزاد آهون‘ ۽ ‘هڪ دل هزار دانهون’ شايع ٿيل آهن.
شيخ نظر محمد بسمل، 15 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي.


لفظ شيخ نظر محمد بسملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.03.23  عيسوي

مشهور صحافي ۽ شاعر شيخ نظر محممد بسمل جو جنم 23 مارچ 1934ع تي پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.


2000.11.15  عيسوي

شيخ نظر محمد بسمل، 15 نومبر 2000ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعظم ڀٽي
اقبال حامد
پريل دايو
سنتداس ڀاٽيه ناز
ستار وسطڙو
سرفراز وسطڙو
ارشاد مستوئي
اسلم اڪبر قاضي
دوست علي جيسر
خواجه محمد شريف طوسي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون